درگاهه ملڪاڻي شريف

درگاهه ملڪاڻي شريف: نامياري عالم مخدوم غلام محمد ملڪاڻيءَ جي هيءَ درگاهه ديهه ملڪاڻي، تپي نورجا، تعلقي دادوءَ ۾ آهي. غلام محمد ملڪاڻي 1870ع ۾ ڄائو. نقشبندي سلسلي جو وڏو عالم هو. سندس درگاهه پڪين سرن سان ٺهيل آهي. مرقد کي چوڌاري ڪاٺ جو خوبصورت پڃرو آهي. قبر هڪ ٿلهي تي آهي، جنهن کي گاڊرن ۽ ٽيئرن جي ڇت آهي. احمد مجتبيٰ ملڪاڻي، عربي ۽ فارسيءَ جو عالم ۽ شاعر، هن درگاهه جو سجاده نشين رهيو آهي. سندس قائم ڪيل مدرسي جا نشان ڦٽل حالت ۾ درگاهه جي اولهه ۾ موجود آهن. مسجد به ڪافي پراڻي آهي، جنهن کي اڱڻ ۽ هڪ مستطيل حجرو آهي. مخدوم غلام محمد ملڪاڻي خلافت تحريڪ ۾ وڏو ڪم ڪيو هو ۽ 1935ع ۾ وفات ڪري ويو. اولهه ۾ سندس فرزند مولانا محمد مصطفيٰ جي قبر آهي. بزرگ جي مريدن مان ڪن تي درگاهون آهن، مثال: درگاهه ويهڙ شريف.


لفظ درگاهه ملڪاڻي شريفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو